پير الهداد جو ميلو

پير الهداد جو ميلو: هيءُ ميلو جوهي تعلقي ۾ لڳندو آهي. شهر جوهيءَ کان ڇهن ميلن جي مفاصلي تي اتر ۾ پير الهداد جي مزار آهي. هيءُ هڪ پراڻو مقام آهي ۽ هي بزرگ ذات جو لنڊ چيو وڃي ٿو، جنهن جي مزار تي هر سال بڊي مهيني ۾ ميلو لڳندو آهي. ڪڏهن برساتن جي ڪري ميلي جون تاريخون بدلائي به ڇڏيندا آهن. درگاهه تي راڳ جو خاص انتظام هوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو